20 ہفتہ , اکتوبر 2018

نيوز | مومل  جي ماڙي: يوسي ٻيرڙي جي بجيٽ هڙپ ٿيڻ خلاف سياسي سماجي ڌرين جو احتجاج

مومل جي ماڙي جي يوسي ٻيرڙي جي ضلعي ڪائونسل ميمبر پاران يوسي ٻيرڙي جي بجيٽ هڙپ ڪرڻ خلاف سياسي سماجي ۽ ادبي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سياسي ۽ سماجي ڌرين لياقت بوزدار، مهراڻ سنڌي ،سراج ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ضلعي ڪائونسل جو ميمبر سموري ترقياتي ڪمن لاءِ آيل بجيٽ هڙپ ڪري ويوآهي .

هنن ٻڌايو ته هن يوسي جي مختلف علائقن مومل جي ماڙي ، جاڙو خان بوزدار ، عبدالغني بوزدار سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جون رڳو ڪاغذن ۾ اسڪيمون ڄاڻائي رقم هڙپ ڪئي آهي.

هنن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته ضلعي ڪائونسل جي ميمبر خلاف ڪارروائي ڪري علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن .

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ ۾ بجلي جو ڇا ٿيو؟ واپڊا وارا چاهين ڇا ٿا؟ رهواسي نڪتا ڇو روڊن تي ؟؟ اوهان ٿيندو پريشان؟

چمبڙ  ۾ ڳوٺ محمد حسن دل جي رهواسين 15 ڏينھن کان بجلي ڪاٽڻ تي حيسڪو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے