21 اتوار , اکتوبر 2018

جرمن سفير طرفان اسلام آباد ۾ گند ڪچري جي نشاندهي تي ٻه اهلڪار معطل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جرمن سفير مارٽن ڪوبلر سوشل ميڊيا تي اسلام آباد ۾ گند ڪچري جي نشاندهي ڪئي هئي، جنهن تي سي ڊي اي ٻن اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو. پاڪستان ۾ جرمن سفير مارٽن ڪوبلر سوشل ميڊيا تي گهڻو سرگرم رهندو آهي ۽ پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن سان گڏوگڏ سماجي مسئلن جي به نشاندهي ڪندو رهندو آهي. جرمن سفير اڄ اسلام آباد جي هڪ سيڪٽر جي تصوير جاري ڪئي ۽ تخت گاهه جي خوبصورتي سان گڏوگڏ اتي پيل ڪچري جي نشاندهي ڪئي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اسلام آباد جي علائقي ايف سيون فور جي گلي نمبر 56 ۾ پيل گند ڪچري جي تصوير پوسٽ ڪندي لکيو ته اسلام آباد ۾ جتي خوبصورت هنڌ آهن، اتي ئي وري ڪچري جا ڍير به آهن. سندس چوڻ هو ته گند ڪچرو هر هنڌ نٿو اڇلائي سگهجي، اهو ڊينگي ۽ ٻين موذي مرضن جو سبب بڻجندو آهي، ڇا ٿو ڪري سگهجي؟. جرمن سفير جي نشاندهي کانپوءِ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي به حرڪت ۾ اچي وئي ۽ سينيٽيشن ڊائريڪٽر سردار خان فوري ايڪشن وٺندي سپروائيزر ۽ انسپيڪٽر کي معطل ڪري ڇڏيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان قانوني صلاحڪارن جي ملاقات، ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي مشورا

جاتي امرا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي قانوني صلاحڪارن سان احتساب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے