20 ہفتہ , اپریل 2019

نيوز | ڪوٽڙي: ڪالا باغ ڊئم ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف ايس ٽي پي جو احتجاج

ڪوٽڙي ۾سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي ڪالا باغ ڊئم جي اڏاوت ۽ سنڌ ۾ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ واري اعلان خلاف  احتجاج ڪيو ويو .

ايس ٽي پي جي ڪارڪنن ھوت خان گاڏھي، ابراھيم کامڙيو، لالا لياقت جانوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پي ٽي آءِ  حڪومت  سنڌو دريا مٿان ڊيم اڏڻ جو اعلان ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته هو سنڌ دشمن پارٽي آهي.

هنن چيو ته هڪ طرف ڊيم جي سازش ته ٻئي طرف وري ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي .

هنن مطالبو ڪيو ته ڪالاباغ ڊيم رٿا کي ختم ڪري سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جودائرو وڌايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪورنگي: منشيات جو وڪرو ۽ واهپو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪبي: ايس ايڇ او

ڪورنگي ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران چڪرا ڳوٺ ۾ هلندڙ منشيات جا اڏا ختم ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے