24 بدھ , اکتوبر 2018

نيوز | جوهي برانچ جي پڇڙي ۾پاڻي نه پهچڻ خلاف آبادگارن جو احتجاج

جوهي برانچ جي پاڻي تي منڍ جي بااثر آبادگارن  ۽ ڀوتارن پاران پاڻي چوري ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي،  پوڇڙ ۾ پاڻي نه پهچڻ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

آبادگارن شينهن رند، ميهر گاڏهي، شمن کوسو، جهنڊو لغاري، لعل بخش رودناڻي، امام علي رستماڻي، شريف لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو .

ان موقعي تي آبادگارن جو چوڻ هو ته پاڻي نه هجڻ ڪري سندن زمينون بنجر بڻجي ويون آهن.

هنن چيو ته پاڻي نه هجڻ ڪري سندن چوپايو مال اڃ مري رهيو آهي ۽ لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته کين ترت زرعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀٽائي جو عرس شروع، ڪنهن ڪيو افتتاح، سجاده نشين ڪهڙو ڏنو پيغام ؟ سيد وقار حسين شاهه جي خطاب ڪري ڇڏيو سڀني کي لاجواب؟

ڀٽ شاهه ۾ شاعرن جي سرتاج شاهه لطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جون غير سرڪاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے