21 اتوار , اکتوبر 2018

سنڌ ۾ ڪرپٽ ۽ پنهنجا نوازي ورتل سرڪاري آفيسرن جي ڊيٽا تيار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ بدعنوان ۽ سياسي پشت پناهي رکندڙ سرڪاري آفيسرن جي تفصيل گڏ ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب احتساب جي ادارن جي انٽيليجنس يونٽ رپورٽ تيار ڪئي آهي جنهن جي تفصيل جمع ڪرڻ ۾ هڪ سال جو عرصو لڳو، ڪرپٽ آفيسرن جي تفصيل گڏ ڪرڻ جي لاءِ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) سميت ٻين ادارن کان مدد ورتي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته احتسابي ادارن اهم ۽ پرڪشش عهدن تي طويل عرصن کان ويٺل آفيسرن جا دستاويز گڏ ڪيا جڏهن ته انهن ڪرپشن آفيسرن جي پرڏيهي شهريت، دورن ۽ وارن سميت اثاثن جي تفصيل به جمع ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب سياسي پشت پناهي رکندڙ آفيسر ۽ اهم ترقياتي منصوبن ۾ مالي بدعنواني ڪندڙ ڊائريڪٽرن جون فهرستون به تيار ڪيون ويون آهن، اهو ئي نه پر اهم عهدن تي طويل عرصي کان مقرر آفيسرن ۽ عملي جي به تفصيل گڏ ڪئي وئي آهي. صوبائي کاتن جي ڪرپٽ آفيسرن ۾ پهرين نمبر تي روينيو کاتو،  ناڻي وارو کاتو، تعليم وارو کاتو، صحت، خوراڪ، سڌُ سماءَ، بلديات، زراعت، آبپاشي، پوليس، جيل خانه جات، جنگهلات ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ اينڊ ورڪس وارا کاتا شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان قانوني صلاحڪارن جي ملاقات، ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي مشورا

جاتي امرا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي قانوني صلاحڪارن سان احتساب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے