19 جمعہ , اپریل 2019

پاڪستان جي ايٽمي صلاحيت ڀارت کان بهتر آهي: پرويز الاهي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي ڀارت کي خبردار ڪندي چيو آهي ته انهن پاڪستان کي ڌمڪي ڏئي غلطي ڪئي آهي، جنهن جو کين پوءِ احساس ٿيندو. هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي پرويز الاهي چيو ته پاڪستان ذميوار ايٽمي ملڪ آهي، پاڪستان کي ڌمڪي ڏئي ڀارت غلطي ڪئي، جنهن جو ان کي پوءِ احساس ٿيندو. سندس چوڻ هو ته مودي ياد رکي هاڻ عمران خان وزيراعظم آهي، سندس دوست وڃي چڪو، ڀارتي آرمي چيف کي خبر پئجي وئي هوندي ته هن ڪهڙي فوج ۽ قوم کي للڪاريو آهي، ملڪ جو ٻچو ٻچو پوئتي نه هٽندو، گڏجي دشمن جو مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته ڀارت جي ڌمڪي ڪشمير تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي، پاڪستان جي ايٽمي صلاحيت ڀارت کان بهتر آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف وٺ پڪڙ جون هدايتون…

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ عطائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے