21 اتوار , اکتوبر 2018

نيوز | سکر: واپارين ۽ شهرين پاران بجلي لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بلن خلاف ڌرڻو

سکر ۾ واپارين ۽ شهرين پاران بجلي لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بلن خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

سيپڪو آفيس آڏو شهري اتحاد جي اڳواڻن ۽ سِمال ٽريڊرز سميت ٻين واڌو بل اچڻ ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته سيپڪو ملازم پنھنجون چوريون لڪائيندي عام شهرين کي واڌو بل اماڻي ذھيني اذيت جو نشانو بڻائي رھيا آھن.

هنن چيو ته اڻ اعلانيل لوڊشڊنگ جو سلسلو جاري آھي، جنهن سبب سندن سمورو ڪاروهنوار متاثر ٿي رهيو آهي.

واپارين ۽ شهرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ۽ سيپڪو چيف هٽائي واڌو بل اماڻڻ ۽ لوڊشيڊنگ جو خاتمو  ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | اسلام ڪوٽ ۾ نوجوان جي مايوسي ڪٿي دنگ ٿي؟ اذيت ڏيندڙ موت تي حيران ڪندڙ انڪشاف

ڳوٺ ڌرم جي ويري واسي نوجوان  جبل ميگهواڙ وڻ ۾ ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے