18 جمعرات , اکتوبر 2018

نيوز | وارھ: شاھ لطيف ڪالوني جي رھواسي پاران ڀاءُ جي ڏاڍاين خلاف احتجاج

 وارھ جي شاھ لطيف ڪالوني جي رھواسين دانهيو آهي ته ڀاءَ گهران ڪڍي سموري ملڪيت تي قبضو ڪيو آهي .

پرائمري استاد  ڊاڪٽر مجيب الرحمٰن ابڙو ۽ سندس جي امڙ خانزادي ابڙو وارھ پريس ڪلب پھچي مبينا الزام ھڻندي چيو آھي ته ھن جو ڀاءُ نجيب ابڙو جيڪو آرمي مان تازو رٽائر ٿيو آھي، اهو   هن  کي  ۽ سندس  امڙ کي گھران ڪڍي گھر تي قبضو ڪيو آھي ، جڏهن ته  ٻه تولا سون پڻ پنھنجي قبضي ۾ ڪيو آھي

هن چيو ته  گھر ۾ پيل سومرو سامان به سندس ڀاءَ  پنهنجي  قبضي  ۾ ڪري ڇڏيو آهي .

هن سنڌ جي وڏي وزير  ۽  ايس ايس پي قمبر  کي اپيل  ڪئي ته  گھر تي ڪيل قبضو ختم ڪرائي سندس ڀاءُ نجيب ابڙو کي گرفتار ڪري  کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

منجهند هڪ وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-10-18

اسلام آباد ۾ وزير اعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس جاري ڪراچي: نيب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے