21 بدھ , نومبر 2018

بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري اي سي سي جي ايندڙ اجلاس تائين ملتوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ناڻي واري وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ايندڙ اجلاس تائين رد ڪئي وئي، ذريعن موجب اجلاس دوران پاور ڊويزن ۽ نيپرا کي 5 سالن جي طويل اسٽريٽجي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، ان کان سواءِ پاور ڊويزن ۽ نيپرا مان غريب ۽ هيٺين طبقي تي بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو گهٽ کان گهٽ بار وجهڻ بابت تجويزون طلب ڪيون ويون. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ اي سي سي توانائي ڊويزن جي ايل اين جي ٽرمينل ۽ ايل اين جي معاهدن بابت رپورٽ رد ڪندي معاهدن باتب گڏيل ۽ مڪمل رپورٽ تيار ڪري ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے