16 منگل , اکتوبر 2018

العزيزيا ۽ فليگ شپ ريفرنسز ٻي عدالت منتقل ڪرڻ خلاف نيب جي درخواست خارج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ نواز شريف خلاف ٻڌڻي هيٺ العزيزيا ۽ فليگ شپ ريفرنسز جي ٻي عدالت منتقلي خلاف نيب جي درخواست خارج ڪري ڇڏي. چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ نواز شريف خلاف ٻڌڻي هيٺ العزيزيا ۽ فليگ شپ ريفرنسز جي ٻي عدالت منتقلي خلاف نيب جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. نيب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل واپس وٺي ڇڏي. نيب طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته احتساب عدالت نمبر 2 جي جج ارشد ملڪ جي روبرو ٻنهي ريفرنسز تي گهڻي ڪارروائي ٿي چڪي آهي، جيڪا مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي، تنهن ڪري معاملي تي غور ڪرڻ کانپوءِ اپيلون واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي سپريم ڪورٽ اپيلون واپس وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي فوري مدد لاءِ سي پي اين اِي جي هيلپ لائن جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران صحافين، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے