16 منگل , اکتوبر 2018

حمزا شهباز جي گهر ٻاهران حد دخليون فوري طور هٽائڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزا شهباز جي گهر ٻاهران قائم سموريون رنڊڪون ۽ حد دخليون فوري طور ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي اڪبر قريشي ن ليگ اڳواڻ حمزا شهباز جي گهر ٻاهران حد دخلين خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته لاهور جي جڊيشل ڪالوني ۾ حمزا شهباز پنهنجي گهر جي پوئين گهٽيءَ ۾ رنڊڪون پيدا ڪيون آهن، جنهن سبب رهواسي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. سپريم ڪورٽ سموريون رنڊڪون ۽ حد دخليون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر ان تي مڪمل عمل نه ڪيو ويو. درخواست گذار اپيل ڪئي ته رنڊڪون هٽائڻ جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا سمورين حد دخلين جو مڪمل خاتمو ڪيو ويو آهي، جنهن تي درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته اڃا مڪمل خاتمو ناهي ٿيو، پرائيويٽ سيڪيورٽي اهلڪارن جون چوڪيون اڃا موجود آهن، جنهن تي عدالت سموريون حد دخليون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت ڊي جي ايل ڊي اي کي به سڀاڻي طلب ڪري ورتو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي فوري مدد لاءِ سي پي اين اِي جي هيلپ لائن جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران صحافين، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے