18 جمعرات , اکتوبر 2018

پنجاب جي وڏي وزير سپرنٽنڊنٽ اڊيالا جيل کي عهدي تان هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي آزادي جي موقعي تي حنيف عباسي جي جيل سپرنٽنڊنٽ آفيس ۾ موجودگي جي حوالي سان ڪيل جاچ جي رپورٽ رد ڪندي سپرنٽنڊنٽ اڊيالا جيل کي عهدي تان هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. انڪوائري ڪميٽي ۾ ڊي آءِ جي جيل ملتان ملڪ شوڪت ۽ اسسٽنٽ آءِ جي جوڊيشل ملڪ صفدر شامل هئا جنهن پنهنجي رپورٽ ۾ سپرنٽنڊنٽ جيل سعيد الله گوندل کي آجو قرار ڏنو هو. انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ ۾ ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ جيل ۽ ٻين اهلڪارن کي ذميوار قرار ڏئي ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي هئي پر پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار انڪوائري رپورٽ رد ڪري ڇڏي. ذريعن موجب پنجاب جي وڏي وزير سپرنٽنڊنٽ جيل سعيد الله گوندل کي عهدي تان هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته آءِ جي جيل راولپنڊي جي خلاف انڪوائري ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ديوسائي ۾ برفباري سبب رابطو ڪاٽا، پرڏيهي سميت ڪيترائي سياح ڦاسي پيا

گلگت بلتستان ( ويب ڊيسڪ ) اترين علائقن ۾ سرديءَ جي موسم شروع ٿيندي ئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے