16 منگل , اکتوبر 2018

نيوز | ڏوڪري ڀرسان سالياني مجلس عزا منعقد ڪئي وئي

ڏوڪري ڀرسان سالياني مجلس عزا منعقد ڪئي وئي .

ڳوٺ محمد ڇٽل ابڙو ۾ سالياني مجلس عزا پرپا ڪئي وئي ۽ نوحا خواني ڪئي وئي.

ان موقعي تي مولوي فيض محمد عباسي، مولانا اياز علي قمي ، ذاڪر نادر عباس، ذاڪر شهمير ڀيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته  حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس 72 جانثارن جي قربانيءَ کي قيامت تائين وساري نه ٿو سگهجي.

هنن چيو ته  ڪربلا جي شهيدن ڪنڌ ڪپائڻ قبول ڪيو پر وقت جي جابر اڳيان جهڪڻ قبول نه ڪيو.

هنن وڌيڪ چيو ته ڪربلا جا شهيد تاريخ ۾ امر ٿي ويا ۽ يزيد نيست نابود ٿي ويو.

هنن وڌيڪ چيو ته  هنن کي ڪربلا جي شهيدن جي ڏسيل راه تي هلڻ  گهرجي. هنن وڌيڪ چيو ته ڪربلا جي شهيدن اسلام جو جهنڊو سربلند ڪرڻ لاءِ جانين جا نذرانو ڏنا.

زوار فدا حسين ابڙو ، ممتاز علي ابڙو، گدا حسين ابڙو، لالا نظام الدين ابڙو،فقير عارف ابڙو، فيصل ابڙو، جنيد حسين ابڙو ۽ ٻيا موجود هئا.

لنگر نياز ۽ سبيلن جو به وڏي پئماني تي اھتمام ڪيو ويوهو

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| دولتپور صفن: آبادگارن  پاران پاڻي کوٽ خلاف بک هڙتال

*دولتپور صفن  ۾ آبادگارن ۾ پاڻي کوٽ خلاف علامتي بک هڙتال شروع ڪئي وئي. قومي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے