21 اتوار , اکتوبر 2018

آمريڪا سان وڌيڪ ڳالهيون ممڪن ناهن: چين

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) هڪ چيني حڪومتي اهلڪار چيو آهي ته آمريڪا سان واپاري تڪرار ۾ وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ممڪن ناهي، ڇو ته واشنگٽن حڪومت بيجنگ جي ڳلي تي چاقو رکي ڳالهيون جاري رکڻ چاهي ٿي. اهو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن چيني حڪومت هڪ رپورٽ ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي الزام مڙهيو آهي ته هو ڪيترن ئي ملڪن سان زبردستي جو سلسلو جاري رکيو پيو اچي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو ته ان صورتحال ۾ ڳالهين جي عمل ۾ ڪاميابيءَ جا امڪان گهٽجي ويا آهن. آمريڪي صدر گذريل سومر تي چيني شين جي خريد تي ٻه سئو بلين ڊالر واڌو ٽيڪس لاڳو ڪيو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …