22 پیر , اکتوبر 2018

ٽرمپ جو ايراني تيل جي وڪري تي پابنديءَ جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته 5 نومبر کان ايراني تيل جي وڪري تي پابندي لڳائينداسين، آمريڪي ۽ ايراني اختيارين وچ ۾ ڪنهن به امڪاني ملاقات کان اڳ تهران حڪومت کي پنهنجو لهجو تبديل ڪرڻو پوندو. آمريڪي صدر موجب اسان چاهيون ٿا ته مستقبل ۾ واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ سٺا لاڳاپا قائم هجن پر ايراني حڪومت جي لهجي ۾ تبديلي کانسواءِ اهڙي ڪنهن به بهتري جو امڪان ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيو يارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته ايران پاڙيسري ملڪن جي خودمختياري جو احترام نٿو ڪري، تنهن ڪري سڀ ملڪ ايران کي ان جي جارحاڻي رويي تي اڪيلو ڪري ڇڏين. سندس چوڻ هو ته ايران جي ڪرپٽ آمريت وچ اوڀر ۾ تباهي ۽ عدم استحڪام جو سبب آهي، ايراني جارحيت جي قيمت پاڙيسري ملڪ چُڪائي رهيا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے