24 بدھ , اکتوبر 2018

نيوز | ٻهارا: اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب شاگرد کلي آسمان هيٺ پڙهڻ تي مجبور

ٻهارا ۾ سرڪاري پرائمري اسڪول جي پراڻي عمارت جا ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب شاگرد کلي آسمان هيٺ پڙهڻ لڳا.

يونين ڪائونسل ٻھارا جي سرڪاري پرائمري اسڪول محمدخان سومرو جي عمارت تمام پراڻي هجڻ ڪري ڇت مان چاپڙ ڪرڻ لڳا، ٻارڙا ڊپ وچان اسڪول کان ٻاھر ڇپرو اڏي پڙھڻ تي مجبور آهن.

شاگردن ۽ ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اسڪول جي عمارت تمام پراڻي ٿي وئي آهي، ۽ فرنچير سميت بنيادي سهولتون به ناهن.

هنن چيو ته اسڪول ۾ بنيادي سهولتون نه هجڻ سبب تعليم متاثر ٿي رهي آهي.

شاگردن ۽ ڳوٺاڻن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جي نئين سر عمارت اڏائي بنيادي سهولتون ڏين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀٽائي جو عرس شروع، ڪنهن ڪيو افتتاح، سجاده نشين ڪهڙو ڏنو پيغام ؟ سيد وقار حسين شاهه جي خطاب ڪري ڇڏيو سڀني کي لاجواب؟

ڀٽ شاهه ۾ شاعرن جي سرتاج شاهه لطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جون غير سرڪاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے