23 منگل , اکتوبر 2018

نيوز | ٺٽو: پوليس جي ڪارروائي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار

ٺٽو  ويجهو پوليس 3 سال اڳ قتل ٿي ويل حيدر کوکر جي قتل ۾ روپوش جوابدار جبار ملاح کي گرفتار ڪري ورتو.

ڪينجھر پوليس بلوچستان جي علائقي اٿل مان جوابدار حيدر کوکر کي  گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.

ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ڪينجھر امير بخش کوسي ميڊيا  کي ٻڌايو ته ٽي سال اڳ 2016 ۾ ٽن جوابدارن رمضان ملاح، سندس ڀاءَ نور علي ملاح ۽ جاويد ملاح گڏجي چليا جي رھواسي حيدر ولد لونگ کوکر کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش ٻوري ۾ بند ڪري ڪي ڊي اي واھ ۾ اڇلائي ڇڏيو ھو.

ڪيس مقتول جي ڀاء خالد کوکر جي فرياد تي ٽن جوابدارن رمضان، نور علي ۽ جاويد ملاح خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرايو ھو.

پوليس ٻن جوابدارن رمضان ۽ سندس ڀاءَ نورعلي کي گرفتار ڪري ورتو پر جاويد ملاح فرار ٿي ويو ھو ،جيڪو مسلسل روپوش ھجڻ بعد کيس بلوچستان جي علائقي اٿل مان گرفتار ڪري ڪينجھر ٿاڻي تي آندو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ملير ۾ گلشن حديد روڊ جي افتتاحي تقريب، ضلع ڪائونسل جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد عملدارن کي ڇو پٽي ڇنڊ، ڄاڻڻ لاءِ ڏسو هن خبر ۾

ڪراچي ضلع ڪائونسل جي  چيئرمين سلمان عبدالله مراد چيو آهي ته عوام جي وچ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے