20 ہفتہ , اکتوبر 2018

نيوز | مٺي: سماجي تنظيم جي ورڪر پاران اختيارين پاران هيسائڻ خلاف احتجاج

مٺي ۾ سماجي تنظيم جي فيلڊ انچارج رحيمان ڀٽي ضلعي مئنيجر ۽ سندس زال تي هيسائڻ ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جو الزام هنيو آهي.

پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن ۾ فيلڊ انچارج طور ڪم ڪندڙ رحيمان ڀٽي الزام هنيو ته ڊسٽرڪٽ مئنيجر مختيار ٻرڙو فيلڊ ۾ وڃڻ دوران ڦوٽو ڪڍي زال ڏانهن اماڻيندو هو ۽ بعد ۾ کيس واٽس اپ ۽ ميسيجز ذريعي تنگ ڪندو رهندو هو.

هن چيو ته ڊسٽرڪٽ مئنيجر  جون شڪايتون اداري جي سي او منير ٻرڙو ۽ نعيم ٻرڙو کي لکت ۾ ميل ۽ واٽس اپ ڪيون پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو.

سندس چوڻ هو ته مختيار ٻرڙو جي زال عابده پروين موبائيل ذريعي تنگ ڪري اڻوڻندڙ ٻولي ڳالهائي، جنهن بعد آفيس مان کيس ٻاهر ڪڍڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون.

هن چيو ته مجبور بڻجي مختيار ٻرڙو ۽ سندس زال عابده پروين خلاف ايس پي ٿرپارڪر عمران قريشي ۽ محتسب اعليٰ کي لکت ۾ ثبوتن سميت درخواست ڏني آهي پر انصاف نه ٿي سگهيو آهي.

عورت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ضلعي مئنيجر خلاف ڪارروائي ڪري کيس تحفظ ڏين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ ۾ بجلي جو ڇا ٿيو؟ واپڊا وارا چاهين ڇا ٿا؟ رهواسي نڪتا ڇو روڊن تي ؟؟ اوهان ٿيندو پريشان؟

چمبڙ  ۾ ڳوٺ محمد حسن دل جي رهواسين 15 ڏينھن کان بجلي ڪاٽڻ تي حيسڪو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے