21 اتوار , اکتوبر 2018

ايف اي ٽي ايف جو اعليٰ سطحي وفد آڪٽوبر ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو

The FATF's top level delegation will visit Pakistan in Octoberاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس( ايف اي ٽي ايف) جو اعليٰ سطحي وفد آڪٽوبر ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو. ان حوالي سان سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان( ايس اي سي پي) پاليسي بورڊ جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي.  ايس اي سي پي پاليسي بورڊ جو اجلاس ناڻي واري سيڪريٽري جي صدارت هيٺ ٿيندو، جنهن دوران 9 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو. ايس اي سي پي اينٽي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي سهڪار روڪڻ لاءِ ورڪنگ پيپر تيار ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر پيسن جي ڏي وٺ جي نشاندهي لاءِ  کنيل قدم ۽ تجويزون ڏنيون ويون  آهن. آڪٽوبر جي دوري ۾ ايف اي ايف ٽي جي ٽيم پاڪستان جي کنيل قدمن جي روشني ۾ ان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ يا بليڪ لسٽ ڪرڻ جون سفارشون مرتب ڪندي. فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي ميمبرن جو انگ 37 آهي جنهن ۾ آمريڪا، برطانيا، چين، ڀارت ۽ ترڪي سميت 25 ملڪ، خليج تعاون ڪونسل ۽ يورپي ڪيمشن شامل آهن. تنظيم جي بنيادي ذميداري عالمي سطح تي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ لاءِ  قدم کڻڻا آهن. عالمي واچ لسٽ ۾ پاڪستان جو نالو شامل ٿيڻ  سبب ان کي عالمي امداد، قرضن ۽ سيڙپڪاري جي سخت نگراني ۾ گذرڻو پوندو جنهن سان پرڏيهي سيڙپڪاري متاثر ٿيندي ۽ ملڪي معيشت تي منفي اثر پوندا. ياد رهي ته ان کان اڳ 2012 کان 2015 تائين به پاڪستان ايف اي ٽي ايف واچ لسٽ ۾ شامل هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے