24 بدھ , اکتوبر 2018

بينظير جي ٽرائل جو سوچي به نه ٿا سگهون، مشرف بهانو ڪري نڪري ويو، ٻاهر ناچ پيو ڪري: چيف جسٽس

Chief Justice inaugurated Greater Karachi Sialaj Plan S Thari Project in Hyderabadاسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کان سندس ٻارن جي اثاثن جا تفصيل 15 ڏينهن ۾ طلب ڪري ورتا آهن.چيف جسٽس پاڪستان ميان ثاقب نثار اين آر او ڪيس ۾ 10 سالن جي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ بابت 29 آگسٽ تي آصف زرداري جي نظرثاني جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ان موقعي تي عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري کي هدايت ڪئي ته هو هاڻ تائين ملڻ وارن اثاثن جا تفصيل جمع عدالت کي فراهم ڪري. اڳوڻي صدر جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالت کي درخواست ڪئي ته 5 سالن تائين وارا تفصيل وٺو، 10 سالن جا تفصيل نه گهرو، قانون صرف 5 سالن جي لاءِ آهي.عدالت فاروق ايڇ نائيڪ جي 5 سالن جا تفصيل جمع ڪرائڻ واري درخواست رد ڪندي چيو ته ڏهه سالن جا تفصيل فراهم ڪيو، جنهن تي وڪيل چيو ته خودمختيار ٻارن جي اثاثن جا تفصيل به نه ورتا وڃن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هاڻي ته سمورا ٻار بالغ ۽ خودمختيار آهن، شادي تائين ڌيئرون ڪفالت هيٺ رهنديون آهن.وڪيل دليل ڏيندي چيو ته آصف علي زرداري 8 ڪيسن ۾ شريڪ جوابدار هو ۽ آرٽيڪل 184 جي شق 3 تحت ان کان بيان حلفي طلب ڪيو ويو،  چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن توهان حلفي بيان نه ٿا ڏيڻ چاهيو ته نه ڏيو، عوامي پئسو عوامي مفادن لاءِ آهي، ان لاءِ اسان آرٽيڪل 184 ٽي جو استعمال ڪيو. جسٽس اعجاز الحسن فاروق ايڇ نائيڪ کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا سمورو رڪارڊ توهان پاڻ ضايع ڪري ڇڏيو؟ جنهن تي وڪيل چيو ته مان رڪارڊ جي بابت امڪان ظاهر ڪيو آهي.فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته منهنجي موڪل 1997ع کان 2005ع تائين وارو عرصو جيل ۾ گذاريو، انهن ٻارن جا تفصيل گهريا پيا وڃن، جيڪي سندس ڪفالت ۾ ناهن، محترمه بينظير ڀٽو جي قبر جو ٽرائل ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي  چيف جسٽس چيو توبهه توبهه، ائين ڪنهن چيو؟ اسان محترمه جي ٽرائل جو سوچي به نه ٿا سگهون، محترمه شهيد ٿي ۽ توهان جي دور حڪومت ۾ ڪيس جو اهو ٽرائل ٿيو، جيڪو نه ٿيڻ گهرجي ها. جنهن تي اتي موجود ٻئي وڪيل لطيف کوسه چيو ته جوابدارن جي آزادي خلاف اپيليون سپريم ڪورٽ ۾ٻڌڻي هيٺ آهن، چيف جسٽس چيو ته توهان سڄو ڏينهن عدالت ۾ هوندا آهيو، اسان کي ٻڌايو، درخواست ٻڌي وٺون ٿا.عدالت آصف زرداري ۽ سندس ٻارن جي اثاثن جا تفصيل 15 ڏينهن اندر طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس چيو آهي ته مشرف چيلهه جي سور جو بهانو بڻائي نڪري ويو. باهر ناچ ڪندو رهي ٿو. اسان ان جو نالو اي سي ايل مان ناهي ڪڍيو. چيف جسٽس اين آر او ڪيس ۾ چيو ته مشرف ملڪ ڇو نه ٿو اچي. هتي سي ايم ايڇ جا بهترين ڊاڪٽر سندس علاج ڪندا. مشرف جي وڪيل چيو ته سندس اصيل بزدل ناهي هو عدالت پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهي پر کيس ٻاهر وڃڻ تي بندش نه هجي. چيف جسٽس چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجي. 0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ڪوئلي جا وڏا ذخيرا موجود آهن: مراد علي شاهه

 ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے