18 جمعرات , اکتوبر 2018

جعلي ڊگري اسڪينڊل: شعيب شيخ جو ويجهو ساٿي اسلام آباد ايئرپورٽ تان گرفتار

Fake Layer Scandal: arrested by Shuib Shaikh, a close friend of Islamabad Islamabadاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جعلي ڊگري اسڪينڊل ۾ سزا يافته شعيب شيخ جي ويجهي ساٿي کي نيو اسلام آباد ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو. ايئرپورٽ انتظاميا موجب شعيب شيخ جو ساٿي نائيجل برين خانگي ايئرلائين جي اُڏام ذريعي قطر فرار ٿي رهيو هو، اميگريشن دوران جوابدار جو پاسپورٽ بليڪ لسٽ ۾ داخل هئڻ جو انڪشاف ٿيو جنهن بعد کيس گرفتار ڪيو ويو. ايئرپورٽ اختيارين جو چوڻ آهي ته نائيجل ايف آءِ اي کي ڪيس ۾ گهربل آهي، اميگريشن عملي مسافر کي گرفتار ڪري انساني اسمگلنگ واري سيل حوالي ڪري ڇڏيو. ايئرپورٽ اختيارين جو چوڻ آهي ته شعيب شيخ جو ساٿي ايگزيڪٽ ڪيس ۾ به ايف آءِ اي کي گهربل هيو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي جاچ اداري( ايف آءِ اي ) ڪاروائي ڪندي ايگزيڪٽ ڪمپني جي مالڪ شعيب شيخ کي گرفتار ڪيو جڏهن ته ڊي جي  ايف آءِ اي جو چوڻ هو ته سندس خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي. هلندڙ سال جولائي ۾ اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت شعيب شيخ کي 20 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، جڏهن ته عدالت شعيب شيخ کانسواءِ 22 ٻين ڏوهارين کي به سزائون ٻڌايون هيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قابض ڀارتي فوج وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو

سري نگر(ويب ڊيسڪ)والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج ضعلي پلوامه ۾ ڪارروائي ڪندي وڌيڪ هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے