16 منگل , اکتوبر 2018

بنگلاديش جو ٽاس کٽي پاڪستان خلاف بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو

Final: Final today with green shirtscontesting Bengali tigers

ابوظهبي( اسپورٽس نيوز ) ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ سپر فور مرحلي جي ڇهين ۽ آخري مئچ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پاڪستان خلاف بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ابوظهبي جي شيخ زيد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندڙ مئچ سيمي فائينل جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي، ۽ مئچ جي فاتح ٽيم 28 سپٽمبر تي ڀارت خلاف ايونٽ جو فائينل  کيڏندي.بنگلاديش خلاف قومي ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي، محمد عامر جي جاءِ تي جنيد خان کي يارنهن رڪني ٽيم جو حصو بڻايو ويو آهي ۽ هو اڄ ايونٽ ۾ پنهنجي پهرين مئچ کيڏي رهيو آهي. پاڪستان ٽيم ۾ فخر زمان، امام الحق، بابر اعظم ، شعيب ملڪ، ڪپتان سرفراز احمد، آصف علي، حسن علي، شاداب خان، محمد نواز، شاهين شاهه آفريدي، ۽ جنيد خان شامل آهن. ياد رهي ته بنگلاديش ۽ پاڪستان جون ٽيمون ايونٽ ۾ پهريون ڀيرو آمهون سامهون ٿي رهيون آهن. پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ 35 عالمي ون ڊي مئچ کيڏيون ويون جن ۾ پاڪستان 31 ۽ بنگلاديشي ٽيم چئن مئچن ۾ فاتح رهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي فوري مدد لاءِ سي پي اين اِي جي هيلپ لائن جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران صحافين، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے