18 جمعرات , اکتوبر 2018

ڪوڙي ڊگري ڪيس: شعيب شيخ اڊيالا جيل منتقل

Kota Grid Case: Moving Shoaib Sheikh to Jailراولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) ايگزيڪٽ جعلي ڊگري ڪيس ۾ سزا يافته شعيب شيخ کي اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو. وفاقي جاچ اداري( ايف آءِ اي ) ڪاروائي ڪندي گذريل ڏينهن شعيب شيخ کي گرفتار ڪيو هو، ۽ ذريعن جو چوڻ آهي ته کيس اڄ عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويندو. ڪوڙي ڊگري ٺاهيندڙ ڪمپني ايگزيڪٽ  جي مالڪ شعيب شيخ کي قانوني ڪاروائي بعد اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته هلندڙ سال جولائي ۾ اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت شعيب شيخ کي 20 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، جڏهن ته عدالت شعيب شيخ کانسواءِ 22 ٻين ڏوهارين کي به سزائون ٻڌايون هيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جو ملائيشين هم منصب مهاتير محمد کي فون، پاڪستان جي دوري جي دعوت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملائيشين هم منصب مهاتير محمد وزيراعظم عمران خان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے