21 اتوار , اکتوبر 2018

پرڏيهي وزير جي آمريڪي صدر سان ملاقات، پاڪ-آمريڪا لاڳاپن جي بحالي تي اتفاق

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي آمريڪي صدر سان غيررسمي ملاقات ٿي جنهن ۾ نئين سر ٻن طرفن تعلقاتن جي شروعات تي اتفاق ڪيو ويو. گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ ۾ موجود پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان غيررسمي ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نئين سر سان ٻن طرفن تعلقاتن جي شروعات تي اتفاق ڪيو ويو. آمريڪي صدر ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم عمران خان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. شاهه محمود قريشي سرڪاري ٽي وي کي ٻڌايو ته آمريڪي صدر سان سندس ملاقات گذريل رات استقباليا دوران ٿي جنهن ۾ پاڪ آمريڪا تعلقاتن تي ڳالهين جو موقعو مليو. هن صدر ٽرمپ کي چيو ته پاڪستان سان ٻن طرفن تعلقاتن جي ٻيهر شروعات ڪئي وڃي، صدر ٽرمپ منهنجي ڳالهه سان اتفاق ڪيو ۽ چيوته پاڪستان سان نيئن سر تعلقات قائم ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا، ان دوران سندس رويو مثبت رهيو. پرڏيهي وزير ٻڌايو ته هن جي پنهنجي هم منصب مائيڪ پومپيو سان به ملاقات ٿي جنهن ۾ تلعقاتن جي بحالي تي ڳالهيون ڪيون ويون جنهن ۾ مائيڪ پومپيو وزيراعظم عمران خان جي باري ۾ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو، ٻه تاريخ تي مائيڪ پومپيو سان ٻي ملاقات طئي ٿي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان قانوني صلاحڪارن جي ملاقات، ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي مشورا

جاتي امرا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي قانوني صلاحڪارن سان احتساب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے