23 منگل , اکتوبر 2018

ملازم روبوٽ جي ذريعي معذورن کي ملازمت فراهم ڪرڻ جو منصوبو

ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ)جاپان ۾ ٽيڪنالوجي جي ذريعي گهر ويٺي معذور ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ جو هڪ تجربو ڪيو پيو وڃي جنهن جي تحت روبوٽ بيري(ويٽر) هوٽل ۾ گراهڪن کي سامان فراهم ڪندا ۽ جسماني معذوري جا شڪار ماڻهو گهر ويٺي انهن کي انٽرنيٽ جي ذريعي ڪنٽرول ڪندا. هن ضمن ۾ انسان نما هي روبوٽ جاچان جي مشهور اوري ليباٽر تيار ڪيو آهي جنهن جي ڪمرشل روبوٽ پهريان ئي استعمال ٿي رهيو آهي جئين ته هاڻي نئي تجربي ۾ گهر ويٺي معذور ماڻهو روبوٽ کي منهن تي پهريل ڊسپلي يا اکين جي حرڪت تي ڪم ڪرڻ واري سينسر جي ذريعي ڪيترائي ميل پري هڪ ڪيفي ۾ ويهي ڪري ڪنٽرول ڪندا آهن. ان عمل سان هڪ طرف ته تنها ماڻهن مان تنهائي ختم ٿيندي ٻئي طرف هو ڪجهه ڪم ڪري پئسا به ڪمائي سگهندا . هن انقلابي طريقي سان سخت معذوري ۾ مبتلا ماڻهو کي به معاشري جو مفيد شخص بڻجي سگهندا، ان کي احساس ذميداري بڻائي سگهبو. ڪمپني هڪ ڪيفي ۾ پنهنجو مشهور انسان نما” اوري هائم ڊي“ روبوٽ استعمال ڪندي جيڪو 1.2 ميٽر ڊگهو آهي ۽ هن کي ٽوڪيو جي هڪ ڪيفي ۾ آزمايو ويندو، 20 ڪلو گرام وزني هن ربوٽ تي ڪيئمرا، مائيڪ ۽ اسپيڪر نصب آهي جنهن جو ڊيٽا ٽيبلٽ يا ڊسپلي تي نشر ٿيندو رهندو، اهڙي طرح گهر ويٺي ڏسي سگهجڻ وارو ۽ اکين جي اشاري سان هن روبوٽ کي هلائي شهرين جو ضرورتون پوريون ڪري سگهبيون. هڪ روبوٽ اي ايل ايس جي مريض”نوزومي موراڻا“ آزمائشي طور تي هلايو آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته معذور ماڻهو هن روبوٽ کي باآساني سان استعمال ڪري سگهندا. هاڻي ايندڙ مرحلي ۾ 65 نومبر کان 7 ڊسمبر 2018 تائين هن کي ٽوڪيو جي هڪ هوٽل ۾ آزمايو ويندو جتي ڪيترائي روبوٽ ڪم ڪندا جنهن سڀني روبوٽن تي معذور ماڻهو ڪنٽرول ڪندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي معاملي تي سعودي عرب جي حمايت ڪندڙ ٽوئيٽر اڪائونٽ بند

سان فرانسسڪو (ويب ڊيسڪ) سعودي صحافي جمال خاشقجي جي گم ٿيڻ تي جتي رياض حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے