20 ہفتہ , اکتوبر 2018

ماڊل ٽائون سانحو: شريف ڀائرن سميت 12 شخصيتن جي طلبي جي درخواست رد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل بئنچ ماڊل ٽائون سانحي ڪيس ۾ شريف ڀائرن سميت 12 شخصيتن کي طلب ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. جسٽس محمد قاسم خان جي سربراهي ۾ ٽه رڪني فل بئنچ منهاج القران جي جواد حامد جي درخواست تي محفوط ڪيل فيصلو ٻڌايو. عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف، پنجاب جي قانون واري اڳوڻِي وزير راڻا ثناءَ الله  ۽ حمزا شهباز جي طلبي واري درخواست رد ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ خواجا سعد رفيق، پرويز رشيد، عابد شير علي، خواجا آصف، چوڌري نثار، ميجر(ر) اعظم ۽ ڊاڪٽر توقير شاهه جي طلبي جي استدعا به رد ڪري ڇڏي. عدالت پنجاب جي اڳوڻي آءِ جي مشتاق سکيرا جي طلبي واري نوٽيس کي ڪالعدم قرار ڏيندي درخواست رد ڪندي کيس ٽرائل ڪورٽ اڳيان پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي. جسٽس قاسم خان مشتاق سکيرا جي فيصلي ۾ اضافي نوٽ به شامل ڪيو. ياد رهي ته منهاج القران جي جواد حامد جي درخواست تي ڌرين جي وڪيلن جي دليلن مڪمل ٿيڻ بعد عدالت 27 جون تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جڏهن ته اڳوڻي آءِ جي پنجاب مشتاق سکيرا دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ طلبي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام دشمن حڪومت گيس اگهن ۾ واڌ ڪري واپاري ڌر ۾ روزگار جو قتل عام پئي ڪري: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته عوام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے