18 جمعرات , اکتوبر 2018

ايڊن هائوسنگ سوسائٽي ڪرپشن ڪيس: اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جو ناٺي گرفتار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايڊن هائوسنگ سوسائٽي ۾ اربين رپين جي ميبنا ڪرپشن واري ڪيس ۾ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي ناٺي مرتضيٰ کي دبئي ۾ گرفتار ڪيو ويو .سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته ايڊن هائوسنگ سوسائٽي واري ڪيس ۾ وڏو بريڪ ٿرو ٿيو آهي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس جي ناٺي مرتضيٰ کي وفاقي جاچ اداري( ايف آءِ اي) دبئي مان گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن جا وارنٽ قومي احتساب بيورو ( نيب ) جاري ڪيا هئا. ڪيس جو پس منظر ٻڌائيندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته ايڊن هائوسنگ سوسائٽي ۾ ڪرپشن جي نتيجي ۾ 200 کان 300 ماڻهو متاثر ٿيا هئا. سڌسماءَ واري وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري حيرت ۾ وجهندڙ فيصلو ڪيو ۽ ايڊن هائوسنگ سوسائٽي بابت ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ پاڻ وٽ لڳرائي پنهنجي ناٺي کي ريليف فراهم ڪيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ان ڪيس ۾ افتخار چوڌريءَ جو پٽ ارسلان افتخار، سندس پٽ ۽ رشتيدار به نامزد آهن. فواد چوڌري جو وڌيڪ چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان 24 ڪلاڪن ۾ ان سلسلي ۾ حتمي ۽ فيصلائتي رپورٽ طلب ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جو ملائيشين هم منصب مهاتير محمد کي فون، پاڪستان جي دوري جي دعوت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملائيشين هم منصب مهاتير محمد وزيراعظم عمران خان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے