16 منگل , اکتوبر 2018

نيوز: خيرپور: ايس ٽي پي جي سڏ تي ٻئي ڏينهن به ڪالاباغ ڊئم خلاف  ٻئي ڏينهن بھ احتجاج

Khairpur: Protest by stp against building kalabagh dam* خيرپور ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سڏ تي اڄ ٻئي ڏينهن به  ڪالاباغ ڊيم ۽ پرڏيهين کي سنڌ ۾ شهريت ڏيڻ واري اعلان خلاف  ٻئي ڏينهن بھ احتجاج ڪري علامتي بک هڙتالي ڪيمپ جاري رکي وئي.

ڪارڪنن سعيد احمد جتوئي،  منظور پلهه، سڪندر خالدي،ياسين مهيسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سيشن ڪورٽ روڊ تي علامتي بک هڙتالي ڪيمپ لڳائي نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي  اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تھ  پي ٽي آءِ حڪومت سنڌو درياءَ مٿان ڊيم اڏڻ وارو اعلان ڪري ثابت ڪيو آهي ته هو سنڌ دشمن پارٽي آهي.

هنن چيو تھ سنڌو درياءَ تي  پهريان اڏيل ڊيمن سبب سنڌ جي پڇڙيءَ تائين پاڻي نه ٿو پهچي پر پي ٽي آءِ ان جي باوجود سنڌوءَ مٿان ڊيم اڏڻ چاهي ٿي  جنهن جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ  سنڌ اندر غير قانوني طور تي ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو……

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| دولتپور صفن: آبادگارن  پاران پاڻي کوٽ خلاف بک هڙتال

*دولتپور صفن  ۾ آبادگارن ۾ پاڻي کوٽ خلاف علامتي بک هڙتال شروع ڪئي وئي. قومي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے