22 پیر , اکتوبر 2018

پرڏيهي پاليسي جي محاذ تي حڪومت جي ڪارڪردگي سان ملڪ کي هلڪو ٿيڻو پيو: خواجه آصف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ن ليگ اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته پرڏيهي پاليسي جي محاذ تي حڪومت جي ڪاڪردگي سان ملڪ کي هلڪو ٿيڻو پيو آهي. قومي اسمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجه آصف حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان سعودي عرب ويو ته پي ٽي آءِ وارن چيو ته هو 10 ارب کڻي آيو آهي، هاڻ  اها خبر نٿي پوي ته ته ارب الف سان هو يا عين سان .خواجه آصف چيو ته پاڪ-ڀارت پرڏيهي وزيرن جي ملاقات جي حوالي سان ڀارت جو انڪار پاڪستان لاءِ ڌچڪو لڳو ۽ سي پيڪ تي به شڪ شهبا پيدا ڪيا ويا . ن ليگي اڳواڻ چيو ته افغان مهاجرن کي پاسپورٽ ڏيڻ واري بيان کي بعد ۾ تجويز چيو ويو . خواجه آصف جي جواب ۾ شيرين مزاري ايوان ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مخالف ڌر ۾ ايندي ئي خواجه آصف کي پرڏيهي پاليسي ياد اچي وئي، اڳوڻي حڪومت جي پرڏيهي پاليسي واضح نه هئي ۽ ان تي پارليامنٽ ۾ بحث ئي نه ٿيندو هو، جيڪڏهن مخالف ڌر کي سياسي راند کيڏڻي آهي ته کيڏي وٺي اسان به تيار آهيون.شيرين مزاري چيو ته مسئلن جي حل تي ڌيان ڏنو ويندو  ته اسان به ساٿ ڏينداسين، اسان مني لانڊرنگ جي مسئلن تي پهريون ڀيرو برطانيا سان  ڳالهيون ڪيون ۽ ڪيترن ئي جوابدارن کي ته گرفتار به ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے