23 منگل , اکتوبر 2018

آصف زرداري سان مدد لاءِ رابطو ناهي ڪيو: شهباز شريف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته مخالف ڌر ين سان روز رابطا ٿيندا آهن، پر مدد لاءِ آصف زرداري سان ڪو به رابطو ناهي ڪيو. پارلياماني رپورٽرز ايسوسي ايشن جي ايگزيڪٽو باڊي سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مخالف ڌر ليڊر شهباز شريف جو چوڻ هو ته وزيراعظم ۽ صدار جي چونڊ تي ورهاست ضرور ٿي پر مخالف ڌر بهرحال  هڪ آهي، اختلاف راءِ جهموريت جو حسن آهي ۽ قومي معاملن تي اسان سڀ هڪ آهيون. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پرڏيهي، گهرو ۽ قومي سلامتي جي معاملن تي اتفاق رهي، پي اي سي کي پاڻ هيڊ ڪندس ۽ جيڪي روايتون آهن انهن کي برقرار رهڻ گهرجي. شهباز شريف چيو ته مخالف ڌرين سان رابطا ٿيندا رهندا آهن، مدد لاءِ آصف علي زرداري سان ڪو به رابطو ناهي ڪيو ۽ منهنجي علم ۾  اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ته پيپلز پارٽي کان ڪا به مدد طلب ڪئي وئي هجي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جهڙي طرح جهاز ڀري ميمبر خريد ڪيا اهو به سڀني جي سامهون آهي، سمورن  ادارن جو آئين ۾ هڪ ڪردار آهي، جن کي آئيني حدن ۾ ئي رهڻ گهرجي. شهباز شريف چيو ته 70 گاڏيون نيلام ڪري واويلا ڪئي پئي وڃي، اسان 500 گاڏيون پنهنجي دور ۾ نيلام ڪيون، حڪومت ايندي عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو.سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن من پسند احتساب جي ڪوشش ڪئي وئي ته مزاحمت ڪنداسين، عجب جهڙي ڳالهه آهي ته نواز شريف کي سپريم ڪورٽ نااهل ڪري يا احتساب عدالت سزا ڏي تڏهن ڊيل نه ٿي ۽ هاءِ ڪورٽ سزا معطل ڪري ڇڏي ته ڊيل آهي. سندس چوڻ هوته ميٽرو بس پروجڪيٽ جي شوق سان احتساب ڪريو يا آڊٽ ڪرايو پر پشاور ميٽرو کي به ان ۾ شامل ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبائي حڪومتون غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ۾ سهڪار ڪن: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار صوبائي حڪومتن کي چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے