17 ہفتہ , نومبر 2018

وزيراعظم جي خاص صلاحڪار زلفي بخاري جي اهليت چئلينج

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ وزيراعظم جي خاص صلاحڪار زلفي بخاري جي اهليت کي چئلينج ڪيو ويو آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب سپريم ڪورٽ ۾ وزيراعظم عمران خان جي خاص صلاحڪار زلفي بخاري جي اهليت محمد عادل چٺا چئلينج ڪري ڇڏي. درخواست ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ ڪابينا ڊويزن کي ڌر بڻايو ويو آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته زلفي بخاري جي نامزدگي غيرقانوني آهي، ٻٽي شهريت رکندڙ شخص  قومي اسمبلي جو ميمبر نٿو ٿي سگهي. جيڪو ڪم سڌو سنئون نٿو ٿي سگهي اهو  بي سبب به نٿو ٿي سگهي تنهنڪري زلفي بخاري کي خاص صلاحڪار طور ڪم ڪرڻ کان روڪيو وڃي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم عمران خان زلفي بخاري کي خاص صلاحڪار مقرر ڪيو هو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistan to begin day two with eight-wickets in hand against New Zealand

ابوظهبي ٽيسٽ جو ٻيو ڏينهن: پاڪستان 59 رنسن تان  اسڪور اڳتي وڌائيندو

ابوظهبي ( اسپورٽس نيوز ) ابوظهبي ٽيسٽ جي ٻئين ڏينهن پاڪستان اڄ نيوزيلنڊ خلاف پنهنجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے