18 جمعرات , اکتوبر 2018

نيوز: حيدرآباد: ٽنڊي ڄام واسين جو بااثرن پاران گهر تي قبضي خلاف احتجاج

Hyderabad: Protest against influential by residents*حيدرآباد ۾  ٽنڊي ڄام جي رهواسين بااثرن پاران سندن گهر تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ زوار ڪليري جي رهواسين  صاحب علي ڪليري، ميان بخش ڪليري، ديدار ڪليري  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهر تي قبضي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن دانهيو تھ  علائقي جي بااثر ماڻهن سندن  گهر تي قبضو ڪري کين بي گهر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پراڻي تڪرار تان بااثر ماڻهن سندن گهرن تي ڪاهه ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد  پڻ ڪيو آهي.

 هنن چيو ته ٿاڻي تي شڪايت ڪرڻ باوجود پوليس بااثرن خلاف ڪا به ڪارروائي عمل ۾ نه آندي آهي.

احتجاج ڪندڙن  وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي گهر تان قبضو ختم ڪرائي کين انصاف ۽  تحفظ فراهم ڪيو وڃي….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:خيرپور جي اسپتالن ۾ ڪتي جي ڏاڙهن جي ويڪسن نه هجڻ خلاف احتجاج

*خيرپور ۾ رولو ڪتن جي آزار ۽ ويڪسين نه ملڻ خلاف ٽئين ڏينهن  به سياسي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے