18 جمعرات , اکتوبر 2018

نيوز: سکر: ڳوٺاڻن جو بااثر پاران سندن  زمين تي قبضي خلاف  احتجاج

Sukkur: Protest on occupation on land*سکر ۾ڳوٺ مولا بخش مستوئي جي رھواسين  بااثر پاران سندن  زمين تي قبضي خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ مولا بخش مستوئي جي رهواسين  عبدالله مستوئي،  ڌڻي بخش مستوئي،  غلام مصطفيٰ مستوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا آڏو داهيندي چيو تھ  بااثرن  سندن زمين تي قبضو ڪري ھٿياربند ويھاري ڇڏيا آھن .

هنن چيو تھ  روھڙي  جي  مختيار ڪار ۽ تپيدار  بااثر سان ملي  ڀڳت ڪري   سندن  زمين جي خاطن ۾ پڻ ھيرا ڦيري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.

سندن چوڻ هو تھ  اھڙو اطلاع ڪنڌرا پوليس  کي ڏنو ويو پر   پوليس مختيار ڪار  ۽  بااثر خلاف ڪا به ڪاروائي ناھي  ڪئي.

 ھنن  وسوارن کان  گهر ڪئي تھ سندن  زمين تان قبضو ھٽرائي بااثر خلاف قانوني ڪاروائي  ڪري  کين   تحفظ ڏئي  سان انصاف ڪيو وڃي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

منجهند هڪ وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-10-18

اسلام آباد ۾ وزير اعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس جاري ڪراچي: نيب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے