16 منگل , اکتوبر 2018

ملڪ صاحب جيڪي حددخيلون توهان قائم ڪيون آهن انهن جي ادائيگي ڪرڻي پوندي: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مارگلا هلز تي وڻن جي واڍي جي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار بحريه ٽائون جي مالڪ کي مخاطب ٿيندي چيو ته ملڪ صاحب جيڪي حد دخليون توهان قائم ڪيون آهن انهن جي ادائيگي ڪرڻي پوندي، ايندڙ ٻڌڻي تي هزار ارب جو بندوبست ڪري اچو. ميڊيا جي رپورٽن موجب چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ بئنچ مارگلا هلز تي وڻن جي واڍي بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايڊيشنل اٽارني جنرل نيئر رضوي عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي ته چيف جسٽس ثاقب نثار عدالت ۾ موجود ملڪ رياض ڏانهن ڏسندي سندس وڪيل اعتزاز احسن کي چيو ته مونکي خبر پئي آهي ته بحريه انڪليو به سرڪاري زمين تي قبضو ڪيو آهي. اعتزاز احسن چيو ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته بحريه ٽائون جي آفيس به نيشنل پارڪ جي زمين تي قائم آهي. چيف جسٽس چيو ته مونکي خبر ملي آهي ته بحريه ٽائون انڪليو ڪيترن ئي سرڪاري زمينن تي قبضو ڄمايو آهي، سرڪاري زمين تي گهر به ٺهي چڪا آهن، هي بحريه ٽائون ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، ٻڌو آهي ته بحريه ٽائون اسلام آباد جي حدبندي به ٿي آهي. ان دوران ملڪ رياض چيو ته اهڙا اطلاع درست ناهن. چيف جسٽس چيو ته توهان مونکان 20 منٽ وقت به طلب ڪيا آهن. ملڪ رياض چيو ته اهو ڊوڊچه  ڊيم ڪيس ۾ استدعا ڪئي آهي ته مونکي ٻڌڻ لاءِ وقت ڏيو. چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڇا توهان وٽ هڪ هزار ارب آهن؟ ملڪ رياض چيو ته موٽ سئو ارب به ناهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ملڪ رياض وٽ پيسو ناهي ته پوءِ ڪنهن وٽ آهي، سڄي پاڪستان جو پيسو ملڪ رياض وٽ آهي. ملڪ رياض چيو ته موٽ حلال جو پيسو آهي حرام جو نه. چيف جسٽس کلندي چيو ته توهان کي ڪڏهن چيو ته پيسو حرام جو آهي، ايندڙ ٻڌڻي تي هزار ارب جو بندوبست ڪري اچو. ملڪ رياض چيو ته هزار ارب آمريڪا وٽ به نه هوندا. چيف جسٽس چيو ته پهرين آڪٽوبر تي توهان کي 20 منٽن تائين ٻڌنداسين، ملڪ صاحب جيڪي حددخليون توهان قائم ڪيون آهن انهن جي ادائيگي ڪرڻي پوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي فوري مدد لاءِ سي پي اين اِي جي هيلپ لائن جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران صحافين، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے