24 بدھ , اکتوبر 2018

ڀارت شيڊول ڏئي چناب درياهه تي تڪراري رٿائن جو معائنو ڪرائڻ تان ڦري ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت پاڪستان کي شيڊول ڏيڻ باوجود چناب درياهه تي تڪراري رٿا جو معائنو ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پاڪستان انڊس واٽر ڪميشن کي تڪراري رٿائن جو معائنو ڪرائڻ هو جنهن لاءِ ڀارت 7 کان 12 آڪٽوبر تائين جو شيڊول به جاري ڪيو هو. پر هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت واعدي خلافي ڪندي چناب درياهه تي تڪراري آبي رٿا جو معائنو ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو . هوڏانهن انڊس واٽر ڪميشن به تصديق ڪئي آهي ته ڀارت ايندڙ مهيني رٿا جي معائني وارو  شيڊول ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته سنڌ طاس معاهدي تحت ڀارت آبي رٿائن جو معائنو ڪرائڻ جو پابندي آهي جنهن جي هو گذريل چئن ورهين کان ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے