23 منگل , اکتوبر 2018

گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جي نگراني لاءِ سپريم ڪورٽ 2 رڪني خاص بئنچ جوڙي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن جي ٻڌڻي ۽ ڪميشن جي نگراني لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار جسٽس منظور احمد ملڪ ۽ جسٽس سردار طارق تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ خاص بئنج جوڙي ڇڏي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊيفنس آف هيومن رائيٽس جي آمنه مسعود جنجوعه  چيو ته اميد هئي ته عدالت ضرور ان معاملي جو نوٽيس وٺندي، گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪميشن ۾ شال گذري وڃي ٿو پر سڏايو نٿو وڃي.  گم ٿيل ماڻهن جي وڪيل ڪرنل رٽائرڊ انعام الرحيم ٻڌايو ته ”مسنگ پرسنز ڪيشن“ ۾ پروڊڪشن آرڊرن باوجود سالن تائين ماڻهن کي پيش ناهي ڪيو ويندو، تنهنڪري عدالت کان استدعا آهي ته گم ٿيل ماڻهن جا ڪيس ٻڌڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي خاص بئنچ جوڙي وڃي. ان موقعي ته 9 ورهين کان گم پٽ جي ماءُ عدالت ۾ معياريون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ عدالت کي ٻڌايو ته سندس پٽ مدثر جي 8 ڌيئرون آهن ۽ اسان سڀ سندس واپسي جي راهه نهاري رهيا آهيون. پوڙهي عورت چيف جسٽس کي مخاطب ڪندي چيو ته مٿي الله پاڪ جي ذات آهي ۽ زمين تي توهان مان اسان کي اميد آهي، منهنجي پٽ کي بازياب ڪرائي ڏيو. چيف جسٽس لاڳاپيل ادارن کي نمائندن کان دريافت ڪيو ته ٻڌايو ته لاڳاپيل ماڻهو ڪنهن اداري جي تحويل ۾ ته ناهن، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته توهان چاهيون ٿا ته ايجنسين جي ڳالهين کي آخري سمجهون ۽ انهن ماڻهن جي ڳولا ڪرڻ ڇڏي ڏيون؟  ان موقعي ته ڪرنل رٽائرڊ انعام الرحيم عدالت کي ٻڌايو ته ڪميشن طرفان پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيڻ بعد به سال گذري ويندا آهن پر گم ٿيل ماڻهن کي پيش ناهي ڪيو ويندو. چيف جسٽس معاملي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان گم ٿيل ماڻهن جا ڪيس ٻڌڻ ۽ ان حوالي سان قائم ڪميشن جي نگراني لاءِ سپريم ڪورٽ جي خاص بئنچ جوڙي رهيا آهيون. آمنه مسعود جنجوعه ۽ گم ٿيل ماڻهن کي وارثن چيف جسٽس کي دعائون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ماڻهو وڏي تڪليف ۾ آهن، انهن کي وڌيڪ تڪليف نٿا ڏئي سگهون، اهو منهنجي فطرت جي خلاف آهي. چيف جسٽس چيو ته ايجنسين کي بدنام ڪري ملڪ کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.آمنه مسعود جنجوعه عدالت کي ٻڌايو ته گم ٿيل ماڻهن جو ڪميشن 9 سالن کان ڪم ڪري رهي آهي، معاملو 135 ڪيسن کان شروع ٿيو  5000 تائين پهچي چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبائي حڪومتون غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ۾ سهڪار ڪن: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار صوبائي حڪومتن کي چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے