16 منگل , اکتوبر 2018

سنڌ رڳو ڪالا باغ ڊيم جي مخالف آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو آهي ته نئين حڪومت في الحال نيٽ پريڪٽس ڪري رهي آهي، سنڌ رڳو ڪالا باغ ڊيم جي مخالف آهي. صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته نئين حڪومت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيون ٿا، نواز شريف کي رڳو ٻه مهينا جيل ۾ رکيو ويو پوءِ سندس اپيل منظور ٿي وئي، اسان سان ٻيو ورتاءُ ڪيو ويندو آهي، اسان هڪ سال کان قيد ۾ آهيون. سندس چوڻ هو ته ڊيم لاءِ رڳو دعا ئي ڪري سگهان ٿو، سنڌ سڀني ڊيمن جي نه پر رڳو ڪالا باغ ڊيم جي مخالف آهي، جنهن سان سنڌ جون زمينون بنجر ٿي وينديون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي فوري مدد لاءِ سي پي اين اِي جي هيلپ لائن جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران صحافين، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے