20 ہفتہ , اکتوبر 2018

نيوز | گمبٽ: ايس ٽي پي جي سڏ تي ڪالا باغ ڊئم ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف ڌرڻو

گمبٽ ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي سڏ تي ڪالا باغ ڊئم ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو سڪندر چانڊيو, فريد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ۽ ٻين ڪالا باغ ڊئم سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪالا باغ ڊئم مئل گهوڙو آهي، جنهن کي چيف جسٽس ۽ وزيراعظم جيئارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ويندا.

هنن چيو ته سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري منظور ناهي، ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ واري وزيراعظم جي اعلان جي هو  مذمت ڪن ٿا.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪالاباغ ڊئم ۽ ڌاري آبادڪاري سميت سنڌ دشمن منصوبن وارا اعلان واپس وٺن، نه ته احتجاجي دائرو وڌائيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ ۾ بجلي جو ڇا ٿيو؟ واپڊا وارا چاهين ڇا ٿا؟ رهواسي نڪتا ڇو روڊن تي ؟؟ اوهان ٿيندو پريشان؟

چمبڙ  ۾ ڳوٺ محمد حسن دل جي رهواسين 15 ڏينھن کان بجلي ڪاٽڻ تي حيسڪو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے