21 اتوار , اکتوبر 2018

نيوز | ميرپور ماٿيلو: ايس ٽي پي جي سڏ تي ڪالاباغ ڊئم خلاف ٻئي ڏينهن به بک هڙتال

ميرپوميرپور ماٿيلي ۾ايس ٽي پي جي مرڪزي سڏ تي ڪالاباغ ڊئم ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف ٻن ڏينهن واري بک هڙتالي ڪيمپ لڳائي وئي آهي.

معشوق سميجو ، علي گوهر گبول ۽ نواز جلباڻي سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ لڳايل بک هڙتالي ڪيمپ ۾ ڪيترن ئي ڪارڪنن ۽ توڙي ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌو درياهه تي ڊئم ٺاهي سنڌ جو پاڻي روڪڻ جي سازش ڪڏهن ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي.

هنن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت سنڌو درياءَ تي ڊئم اڏڻ وارو اعلان ڪري ثابت ڪيو آهي ته هو سنڌ دشمن پارٽي آهي، اڳ اڏيل ڊيمن سبب سنڌ جي پوڇڙيءَ تائين پاڻي نه ٿو پهچي پر پي ٽي آءِ ان باوجود سنڌوءَ تي ڊيم اڏڻ چاهي ٿي.

اڳواڻن وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ڪالا باغ ڊئم سميت سنڌ دشمن منصوبن وارا اعلان واپس وٺي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | اسلام ڪوٽ ۾ نوجوان جي مايوسي ڪٿي دنگ ٿي؟ اذيت ڏيندڙ موت تي حيران ڪندڙ انڪشاف

ڳوٺ ڌرم جي ويري واسي نوجوان  جبل ميگهواڙ وڻ ۾ ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے