21 اتوار , اکتوبر 2018

موجوده حڪومت چين جي اعتماد کي نقصان رسايو جنهن سبب آرمي چيف کي اُتي وڃي وضاحت ڏيڻي پئي: مولانا فضل الرحمان

ملتان(ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته موجوده حڪومت چين جي اعتماد کي نقصان رسايو جنهن تي آرمي چيف کي وضاحت لاءِ چين وڃڻو پيو. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف پاڪستاني قوم تي ايٽم بم ڪيرايو آهي، ان جي اقتصادي پاليسي پهرين ئي ڏينهن فلاپ ٿي چڪي آهي. هن چيو ته هي سفارتي لاڳاپن جي ادب کان اڻ واقف آهن، معاملا پنهنجي جاءِ ۽ پروٽوڪول پنهنجي جاءِ تي هوندو آهي. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي اقتصادي مستقبل جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو پر موجوده حڪومت چين جي اعتماد کي نقصان رسايو جنهن تي آرمي چيف کي وضاحت لاءِ چين وڃڻو پيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي سان رابطو ڪنداسين ڇو ته مخالف ڌر کي گڏ نظر اچڻ گهرجي. هن چيو ته اسان ماضي جون ڳالهيون نٿا کولڻ چاهيون ۽ مستقبل ڏانهن ڏسڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اسان مخالف ڌر کي ورهائڻ نٿا چاهيون، ان ڪري مون نواز شريف سان ڳالهيون ڪيون آهن ۽ آصف زرداري سان به ڪندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے