23 منگل , اکتوبر 2018

نيوز | ڪوٽڙي: متاثر عورتن پاران ڀائرن جي ظلم خلاف احتجاج

ڪوٽڙي ۾ عورت ٻارڙن ۽ مائٽن سان گڏجي پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ۾ پٺاڻ ڪالوني واسڻ ريحانه پنهنجي ڀائرن اسماعيل، سليم ۽ ڀينرن جي ظلم خلاف دانهيو.

ميڊيا آڏو هن دانهيو ته سندس ڀائرن ۽ ڀينرن سخت تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، ۽ گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري سمورو سامان پڻ کڻي ويا آهن.

هن چيو ته سندن والد گهر ڀاءُ نالي ڪيو هو، گهر جو ڪيس  عدالت سڳوري ۾ هلندڙ آهي پر ڀائرن تشدد ڪري ظلم ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته پوليس کي شڪايت ڪرڻ باوجود ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي، هاڻي عدالت ذريعي ڪيس ڪرائڻ جو حڪم مليو آهي.

عورت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڀائرن ۽ ڀينرن خلاف ڪارروائي ڪري ساڻس انصاف ڪن..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ملير ۾ گلشن حديد روڊ جي افتتاحي تقريب، ضلع ڪائونسل جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد عملدارن کي ڇو پٽي ڇنڊ، ڄاڻڻ لاءِ ڏسو هن خبر ۾

ڪراچي ضلع ڪائونسل جي  چيئرمين سلمان عبدالله مراد چيو آهي ته عوام جي وچ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے