20 ہفتہ , اپریل 2019

نيوز | سجاول: صحافين پاران صحافي آڪاش زنئور کي هيسائڻ خلاف ريلي

سجاول ۾ صحافين پاران ميرپور بٺورو واسي صحافي آڪاش زنئور کي هيسائڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.

صدر پريس ڪلب سورج سجاولي، زاهد سومري ۽ امداد ميمڻ سميت ٻين صحافين، صحافي آڪاش زنئور کي هيسائڻ خلاف پريس ڪلب کان ايس ايس پي آفيس تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو.

صحافين الزام هنيو ته پي ايس او مظفر خالدي ڪرپٽ ماڻھو آھي، جيڪو ضلعي جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن مان گٽڪي ،ٺري ۽ وياج تان رشوت وٺندو رهي ٿو، هن آواز اٿارڻ تي صحافي آڪاش کي ڌمڪيون ڏنيون آهن.

هنن چيو ته صحافين کي ڌمڪائڻ ۽ هيسائڻ آزاد صحافت تي حملو آهي، جنهن جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

صحافين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ملازم مظفر خالدي کي هٽايو وڃي، نه ته هو سڄي ضلعي ۾ بک هڙتالن سلسلو شروع ڪندا..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪورنگي: منشيات جو وڪرو ۽ واهپو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪبي: ايس ايڇ او

ڪورنگي ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران چڪرا ڳوٺ ۾ هلندڙ منشيات جا اڏا ختم ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے