21 اتوار , اکتوبر 2018

اسلامي نظرياتي ڪونسل هڪ ئي وقت ٽن طلاقن کي سزا جوڳو قرار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلامي نظرياتي ڪونسل هڪ ئي وقت ٽن طلاقن کي سزا جوڳو قرار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اسلامي نظرياتي ڪونسل جي اجلاس بعد چيئرمين ڊاڪٽر قبلا اياز پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هڪ ئي وقت ٽي طلاقون وڏو معاشرتي مسئلو بڻجي چڪو آهي. ڊاڪٽر قبلا اياز جو چوڻ هو ته هڪ ئي وقت ٽن طلاقن جي سزا تي عالمن سان ڳالهيون ڪنداسين ۽ ان معاملي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل طرفان جلد ڪافرنس به گهرائي ويندي. هن چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل هڪ ئي وقت ٽن طلاقن کي سزا جوڳو قرار ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪونسل گڏيل طلاق نامو بڻائڻ تي به اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته طلاق نامو جوڙي وفاقي حڪومت ڏانهن موڪلينداسين.  ڊاڪٽر قبلا اياز جو چوڻ هو ته اسلامي نظرياتي ڪونسل گهر عمر جي ٻارن جي شادين جي به حوصلا شڪني ڪندي آهي، حڪومت گهٽ گهر عمر واري شادي جي حوصلا شڪني جي لاءِ آگاهي مهم شروع ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان قانوني صلاحڪارن جي ملاقات، ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي مشورا

جاتي امرا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي قانوني صلاحڪارن سان احتساب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے