22 پیر , اکتوبر 2018

ملازمن جي احتجاج کانپوءِ ريڊيو پاڪستان جي عمارت ليز تي ڏيڻ جو فيصلو واپس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريڊيو پاڪستان جي ملازمن جي احتجاج کانپوءِ ريڊيو پاڪستان جي عمارت ليز تي ڏيڻ وارو فيصلو واپس ورتو ويو آهي. ريڊيو پاڪستان جي ملازمن جي احتجاج کانپوءِ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ريڊيو پاڪستان جي عمارت کي ليز تي ڏيڻ جو فيصلو واپس ورتو. ملازمن عمارت کي ليز تي ڏيڻ خلاف پارليامينٽ اڳيان احتجاجي طور ڌرڻو هنيو هو، پوءِ سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري عمارت کي ليز تي ڏيڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو. پارلياماني معاملن بابت مملڪتي وزير علي محمد خان تصديق ڪندي ٻڌايو ته في الحال ريڊيو پاڪستان جي عمارت کي ليز تي ڏيڻ جو فيصلو واپس ورتو ويو آهي، فواد چوڌري ريڊيو پاڪستان کي بهترين بڻائڻ لاءِ وزارت کان تجويزون گهريون هيون ۽ سڌ سماءَ واري وزارت ريڊيو ملازمن جي اداري جي بهتري لاءِ پهرين نومبر تائين تجويزون گهريون آهن. مملڪتي وزير جو چوڻ هو ته ريڊيو پاڪستان 1965ع جي جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ فوجي جوانن جو جوش گرمايو هو، فواد چوڌري ملازمن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ڪو قدم نه کڻندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے