19 پیر , نومبر 2018

وومين ايڪشن فورم پاران عورتن بابت بل خلاف احتجاجي مظاهرو

وومين ايڪشن فورم پاران اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاران عورتن جي حوالي سان پاس ڪيل بل خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي عرفانه ملاح، امر سنڌو، حسين مسرت شاهه ۽ ٻين عورت اڳوا       ڻن چيو ته نواز حڪومت اسلامي نظرياتي ڪائونسل مردن کي عورت خلاف تشدد جي ترغيب ڏئي ان کي اسلامي نقطه نظر سان جائز قرار ڏنو آهي، ڪائونسل پنهنجي قيام کان هيل تائين هڪ مخصوص ذهنيت رکندڙ تنگ نظر ماڻهن جي هٿن ۾ رهي آهي، جيڪي عورتن ۽ مذهبي ٿورائي وارن ماڻهن جي خلاف رهيا آهن. هنن چيو ته عورت جي آزادي جي حوالي سان پاڪستان جو آئين برابري جي ضمانت ڏئي ٿو، ڪائونسل سدائين ان جي مخالفت ڪئي آهي. هنن چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ اهڙي ڪا به گنجائش ناهي ته ڪو به قانون انساني حقن جي خلاف هجي، ان ڪري هن نظرياتي ڪائونسل جو ڪو به آئيني ۽ اخلاقي جواز نٿو رهي. هنن چيو ته حڪومت اسان اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي 12 سيڪڙو بجيٽ وڌائڻ جي سخت مخالفت ڪيون ٿا، اسلامي نظرياتي ڪائونسل عورتن ۽ بنيادي انساني حقن خلاف سفارشون ڪري پارليامينٽ کي موڪلي دنيا ۾ پاڪستان جي رسوائي ڪندڙ آهي، عورت مخالف قانوني جي ڀٺڀرائي سان لڳي ٿو ته ان جي پويان نواز حڪومت پڻ برابر جي شريڪ آهي، جنهن اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته عورتن جي حقن جي خلاف ايندڙ بل آڻڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.

رپورٽ: يوسف ميربحر

اسڪرپٽ : دسرت ڪُڏيچو

آواز : آصف ٿيٻو

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: خيرپور: عيد ميلاد النبي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي

خيرپور ۾ عيد ميلاد النبي جي حوالي سان سني رابطا ڪائونسل پاران ريلي ڪڍي وئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے