12 بدھ , دسمبر 2018

نيوز: حيدرآباد: خيرپورناٿن شاهه واسي ميونسپل ملازم جو ٻئي ڏينهن بھ انتظاميا خلاف احتجاج

Hyderabad: Protest by Municipal residents on the second day *حيدرآباد ۾ خيرپورناٿن شاه جي ڳوٺ فتح پور جي رهواسي ميونسپل ڪاميٽي جي ملازم ٻئي ڏينهن بھ انتظاميھ خلاف احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي  سڪندر علي چانڊئي احتجاج کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ    8 سال کان هو  ڪي اين شاه ميونسپل ڪميٽي ۾  ملازم آهي پر ميونسپل ڪميٽي ۾ گروپ بندي هجڻ ڪري گذريل 7 سالن کان سندس  پگهار بند ڪئي وئي آهي.

 هن چيو ته هو ڪافي عرصي کان مختلف وقتن تي  احتجاج ڪندو آيو آهي پر سواءِ ٺلهن  آسرن جي  کيس ڪجهه به ناهي ملي سگهيو جنهن جي ڪري  هو فاڪاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

ملازم وسوارن کان مطالبو ڪيو تھ  ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي گذريل 7 سالن جون رهيل پگهارون ڏئي کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چيلهار: ڳوٺاڻن پاران راشن بيگ جي فهرست ۾ نظر انداز ڪرڻ خلاف احتجاج

چيلهار ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران سنڌ حڪومت ٿر ۾ ڳورهارين عورتن لاءِ راشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے