11 منگل , دسمبر 2018

سنڌ جون دانهون ڪير ورنائيندو…!

سنڌي گذريل ڪيئي ڏهاڪن کان وٺي پنهنجي پرڳڻي ۾ پيدا ٿيل اڪيچار معاملن تي سراپا احتجاج بڻيل آهن، جنهن ڪري گذريل ٽن ڏهاڪن کان وٺي جهڙوڪه سنڌي عوام جو احتجاج روزاني جي بنياد تي جاري آهي، سنڌي عوام جن مسئلن تي لاڳيتو احتجاج ڪري رهيو آهي انهن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ، سنڌ ۾ ڌارين جي آمد جي سلسلي کي روڪڻ، سنڌ کي سنڌو نديءَ جي پاڻي مان پنهنجي جائز حصي جو پاڻي ڏيڻ،  سنڌين کي صوبائي توڙي، وفاقي ادارن ۾ نوڪريون ڏيڻ سميت ڪراچيءَ جي ملڪي صنعتڪارن توڙي پرڏيهي ملٽي نيشنل ڪمپنين جي ڪارخانن ۾ جائز ۽ اهليت جي بنياد تي نوڪريون ڏيڻ، سنڌ جي زمينن جي والار روڪڻ ۽ مخلتف بهانن سان سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ خلاف احتجاج آهن جيڪي مسلسل ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿي رهيا آهن، سنڌي عوام جن معاملن تي احتجاج ڪندو رهيو آهي، انهن متعلق سنگين صورتحال اها آهي جو ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو شهر آهي ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ جي خانگي اسڪولن ۾ ٻارن کي سنڌي ٻوليءَ جو مضمون نه ٿو پڙهايو وڃي.

پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ ۾ سنڌي ٻولي دفتري ٻولي هوندي هُئي جڏهن ته ان وقت سنڌ جا حڪمران انگريز هوندا هيا، پر انهن نه صرف سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻولي بڻايو ۽ ان سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي ترقي ڏياري ان جي الف ب ت جوڙائي، سنڌي ٻوليءَ جو گرامر ترتيب ڏياريو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي قديم ۽ ڪلاسيڪل ادب کي محفوظ بڻايو، ان وقت سنڌي ٻولي دفتري ٻولي هوندي هُئي جيڪا پاڪستان جي ٺهڻ بعد ختم ڪئي وئي، هاڻي سنڌ جي ڪنهن به دفتر ۾ سنڌي ٻولي دفتري ڪارج لاءِ استعمال نه ٿي ٿئي، سنڌ ۾ ڌارين جي اچڻ جو سلسلو پاڪستان جي ٺهڻ سان ئي شرو ع ٿي وڃي ٿو جنهن خلاف سنڌ 1957ع کان وٺي سراپا احتجاج آهي جو ان وقت جي سنڌ اسيمبليءَ سنڌ ۾ ڌارين جي آمد خلاف قرارداد منظور ڪري انهن جي باقاعدي روڪ ڪري ڇڏي هُئي، ۽ هاڻي سنڌ ۾ ڌارين جو انگ ڪو اڍائي ڪروڙن جي لڳ ڀڳ آهي.

سنڌي عوام گذريل ٽن ڏهاڪن کان مسلسل پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي، جنهن جي سنگينيءَ جو اندازو هاڻي ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته گذريل سال پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جي زرعي معيشت کي ڪو 800  ارب روپين جو نقصان ٿيو هو ۽ هن سال هاڻوڪي پوکيءَ جي موسم لاءِ پڻ پاڻيءَ جي سخت اڻاٺ آهي، سنڌ پاڻي جي اڻاٺ کي لاڳيتو منهن ڏئي رهي آهي ۽ احتجاج ڪري رهي آهي، سنڌين لاءِ سنڌ جي صوبائي نوڪرين ۾ صورتحال اها آهي جو سنڌ حڪومت جي سمورن کاتن ۾ ڌارين جي ڀرمار لڳي پئي آهي ۽ سنڌ پوليس ۾ ڪراچيءَ جي صورتحال اها آهي جو مشڪل سان ڪو 10  سيڪڙو پوليس اهلڪار سنڌي هوندا جڏهن ته وڏي رينڪ جي عملدارن ۾ پڻ سنڌي نظر انداز ڪيا ويندا آهن.

وفاقي کاتن جي صورتحال اها آهي ته مشڪل سان وفاقي سيڪريٽرين ۾ ڪو هڪ يا ٻه سيڪريٽري سنڌي هوندو، ٻين شعبن جي صورتحال پڻ اها آهي، ان کان سواءِ سمورن وفاقي ادارن ۾ سنڌين سان نوڪرين جي معاملي ۾ پڻ ٻه اکيائي گذريل ستر سالن کان جاري آهي، سنڌ جي زمينن تي قبضي جي صورتحال اها آهي جو جنهن کي جتي وڻي پنهنجون قبضو ڄاڻائي ويهي رهي ٿو، خاص ڪري ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۽ ان وچ ۾ هاءِ وي تي ته قبضا ايترو آسان آهن جيئن مکڻ جو چاڻو کائڻ آسان هوندو آهي. ٻئي طرف سنڌ جون زرعي زمينون مختلف حوالن سان مختلف ماڻهن ۽ کاتن کي ڏيڻ جي ڪهاڻي ئي الڳ آهي، ان متعلق ته ڪوئي ڪنهن ڪا پڇڻ وارو به نه آهي.

مٿي ذڪر ڪيل مسئلن تي سنڌي عوام گذريل پنجاهه، سٺ سالن کان جدوجهد ڪري رهيو آهي جيڪا جدوجهد پنهنجي آئيني ۽ قانوني دائري اندر رهندي پئي آئي آهي، اها سنڌي عوام جي سياسي سمجهه ۽ ڏاهپ آهي جو ان ڪڏهن به پنهنجي حقن جي جائز جدوجهد کي تخريبي بنيادن تي نه کنيو آهي ۽ نه ئي رياست جي ڪنهن رٽ کي چيلنج ڪيو آهي، هر مسئلي تي ٿيل جدوجهد، سياسي ۽ قانوني دائري جي اندر رهندي پئي آئي آهي، جيڪا ڳالهه سنڌي عوام جي سياسي طور تي بالغ نظر هجڻ لاءِ ڪافي آهي جنهن جي تعريف سياسي حلقا ۽ ساڃاهه وند ماڻهو ڪندا رهيا آهن.

هاڻوڪن ڏينهن ۾ پڻ سنڌي عوام سنڌوءَ تي اڏجندڙ ڊيمن جي خلاف ۽ سنڌ کي پاڻيءَ جي فراهمي انصاف ڀرئي نموني ڪرڻ سميت سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاريءَ خلاف جدوجهد ڪري رهيو آهي، جيڪا پڻ پر امن طور تي هلي رهي آهي سوين هزارين ماڻهن جي مجموعن مان ڪو هڪڙو پٿر به نه اڇليو ويو آهي، سوين هزارين ماڻهو انهيءَ جدوجهد ۾ پنهنجن ٻارن ٻچن سميت شريڪ ٿين ٿا ۽ احتجاج رڪارڊ ڪرائي پرامن طور تي واپس پنهنجن گهرن ڏانهن هليا وڃن ٿا.

سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي ۽ سنڌ هن وفاقي ملڪ جو هڪڙو ايڪو آهي، جڏهن هن وفاقي ملڪ جي ڪنهن ٻئي ايڪي کي تڪليف پهچي ٿي ته وفاق ان تڪليف کي دور ڪري ٿو ۽ جڏهن سنڌ کي وفاقي پاليسين يا ڪنهن ٻئي وفاقي يونٽ کان تڪليف پهچي ٿي ته وفاق ان کي حل ڪرائڻ بجاءِ ان کي وڌائي ٿو  جيڪا هڪ عجيب روش آهي، سنڌي ماڻهو فقط اها گهر ڪري ٿو ته سنڌي عوام کي هن وفاقي ملڪ جي آئين مطابق حق ڏنا وڃن، ۽ اهو ڪو جرم نه آهي، پر ان جي ابتڙ ڪا وفاقي اختياري سنڌي ماڻهن جي انهيءَ جائز مطالبي تي ڌيان نه ٿي ڏئي ته اها مجرماڻي خاموشي ليکبي جنهن جو مقصد ٿيندو ته اهي اختياريون چاهين ٿيون ته سنڌ پنهنجن مسئلن ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ تشدد جو رستو اختيار ڪري.

اسين هن موقعي تي وفاقي حڪومت ۽ سمورين وفاقي اختيارين کي گذارش ڪنداسين ته اهي سنڌ جي سمورن مسئلن ۽ مطالبن کي ڌيان سان ٻڌن ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ جوڳا اپاءَ کڻن.

اڱارو 2 آڪٽوبر 2018ع، 21 محرم الحرام 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

قبيلائي جهيڙن جي باهه ۽ سڙندڙ سنڌ

سنڌ ۾ گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان قبيلائي جهيڙن جي ڀڙڪيل باهه اڃان ماٺي نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے