11 منگل , دسمبر 2018

ٿرپارڪر ۾ڏڪار سبب صورتحال سنگين، متاثرن جي واهر نه ٿي سگهي! | پروگرام : سنڌ نگر

ٿرپارڪر ۾ڏڪار سبب صورتحال سنگين، متاثرن جي واهر نه ٿي سگهي! | پروگرام : سنڌ نگر، ميزبان: عنايت پيرزادو، ٽيلي فون لائن تي: غازي بجير، رازق ڏنو کوسو، شبير ڀٽي

ڪراچي ( ) ٿر جي ڏڪار متاثر ماروئڙن جي واهر نه ٿي سگهي، سنڌ سرڪار، سماجي تنظيمن توڙي وس وارن کي ڏڪار متاثرن جي واهر لاءِ اڳتي اچڻ جي اپيل، تفصيل موجب، عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام سنڌ نگر ۾ميزبان عنايت پيرزادي سان ڳالهائيندي عوامي آواز جي رپورٽر غازي بجير جو چوڻ هو ته ٿرپارڪر ۾ڏڪار سبب صورتحال سنگين آهي، جڏهن ته ڏڪار متاثرن جي هن وقت تائين ڪا به جوڳي واهر نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته معصوم ٻارڙن تان موت جي راقاص ٽارو ناهي ڪيو ۽ اسپتالن ۾به سهولتن جي کوٽ برقرار آهي، ڏڪار متاثرن  امدادي ڪڻڪ جي ورهاست مناسب نه ٿيڻ جو دانهون ڪيون آهن، ڪيترن ئي ڏڪار متاثر ماڻهن جي بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ جو سلسلو جاري آهي، حڪومت ٿر ۾وڻن جي واڌي روڪرائي وڻڪاري مهم هلائي، ڏڪار جو مستقل حل ڳوليو وڃي،هوڏانهن پروگرام ۾ڳالهائيندي عوامي آواز بدين جي رپورٽر رازق ڏني کوسي چيو ته ڏڪار متاثرن جي بدين ضلعي جي مختلف علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ٿيڻ بعد متاثرن کي صحت ۽ پاڻي سميت ڪي به سهولتون نه ملي سگهيون آهن، چوپائي مال کي بيمارين کان بچاءُ جي وئڪسين به نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته چاري جي به سخت کوٽ آهي، ٻئي طرف ڏڪار متاثر ماروئڙا ٺٽي ضلعي جي مختلف علائقن ۾پڻ پهتل آهي ۽ اتي به سندن ڪا به سهائتا نه ٿي سگهي آهي، ٺٽو ضلعو اڳ ئي پاڻي کوٽ سميت مختلف مسئلن جو شڪار آهي ويتر ٿر کان پهتل ڏڪار متاثر پيئڻ جي پاڻي ۽ صحت جي سهولتن کان به محروم آهن، پروگرام ۾ڳالهائيندي چيو ويو ته ڏڪار متاثرن جي سهائتا لاءِ شاهه لطيف يونيورسٽي راشن گڏ ڪرڻ خاطر ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي، اهڙي طرح سمورن سرندي وارن توڙي سماجي تنظيمن ۽ سنڌ حڪومت کي پڻ اڳتي اچي جوڳو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چيلهار: ڳوٺ ٻٽڙا جي ڊسپينسري جي نئين عمارت کنڊرات ۾ تبديل

چيلھار ڀرسان ڳوٺ ٻٽڙا ۾ صحت جون سھولتون اڻلڀ ٿي ويون، نئين ٺاھيل ڊسپينسري واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے