11 منگل , دسمبر 2018

سنڌ ۾ وڌندڙ غربت ۽ حڪومت جي توجهه وارو سوال….

سنڌ جي وڏي سنڌ ۾ غربت تي تشويش جو اظهار ڪندي غربت جي شرح ۽ ڪيفيت جو اندازو لڳائڻ لاءِ سائنٽيفڪ سروي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهڙو فيصلو هُن وزيراعليٰ ھائوس ۾ ترقياتي پروگرامن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، سندس چوڻ هو ته صوبي ۾ غربت جي خاتمي لاءِ مختلف رٿائن تي ڪم ٿي رهيو آهي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته غربت جي مجموعي صورتحال معلوم ڪرڻ لاءِ سائنسي طريقو اختيار ڪيو وڃي جنهن ذريعي غربت جي شرح، صورتحال ۽ سنگينيءَ جو بخوبي اندازو ٿي سگهي.

هُن غربت جو دارومدار فقط ناڻي جي آڌار تي نه پر غربت ماپڻ لاءِ بنيادي انساني سهولتن جي حوالي سان شديد محرومين سميت خوراڪ، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، صفائي سٿرائي جون سھولتون، گندي پاڻيءَ جي نيڪال جون سهولتون، صحت، گهر ۽ تعليم جهڙا عنصر پڻ شامل ڪرڻ تي زور ڏنو ته جيئن صوبي ۾ غربت جي شرح ۽ تناسب جو درست اندازو لڳائي ترقياتي ڪم ڪرائي سگهجن، هُن اهڙين اسڪيمن جي رٿابنديءَ تي زور ڏنو جيڪي سال اندر پوريون ٿي عوام کي فائدو پهچائين.

سنڌ جي وڏي وزير جو اهڙو جذبو پنهنجي جاءِ تي پر موجود حقيقتون انتهائي تلخ آهن، هو پاڻ اڳ به سنڌ جي وڏ وزارت جي ڪرسي تي فائز رهيو آهي  ۽ هاڻي به ان عهدي تي فائز آهي، اسان کي اميد آهي ته  هو سنڌ جي تلخ حالتن، غربت ۽ غربت جي  تباهه ڪارين متعلق سموري صورتحال کان آگاهه هوندو، پر تنهن هوندي به اسان ان سلسلي ۾ ڪجهه تلخ حقيقتون سندس گوش گذار ڪنداسين. سنڌ، هن وفاقي ملڪ جو هڪڙو ايڪو آهي، جنهن کي قدرت چئن مندن، سنڌوءَ جهڙي دريا، ست سو ڪلوميٽر وارو ڪنارو رکندڙ سمنڊ ۽ ستن سامونڊي بندرن سان نوازيو آهي، جن مان ته ٽي سامونڊي بندر گهري ڪناري وارا آهن، انهن مان ڪراچي شهر جو  بندر ۽ قاسم  پورٽ وارو بندر استعمال هيٺ آهن. جتان اڄ کان پنج سو سال اڳ تائين به سنڌ جو ڏيساور واپار ٿيندو هيو، ۽ اهو واپاري سلسلو قبل مسيع ۾ به ٿيندڙ هو،  سنڌ جنهن کي قدرت ريگستان به ڏنو آهي، جهنگ به ڏنا آهن، جبل به ڏنا آهن، ميدان به ڏنا آهن ته زرعي زمينون به ڏنيون آهن، تيل ۽ گيس جا اڻ ڳڻيا کوهه ۽ ڪوئلي سميت هر ڌات، نمڪيات ۽ معدنيات جون کاڻيون ۽ گهرا ذخيرا ڏنا آهن،  سنڌ جي خوشحاليءَ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جا ڪيئي شهر بندر گاهن وارا شهر آهن جن ۾ ڪشمور، سکر، لاڙڪاڻو،دادو، ڪوٽڙي، حيدرآباد شامل آهن، انهن شهرن ۾ بندر سنڌو دريا جي ڪناري تي آباد هوندا هيا جن مان اڄ به لاڙڪاڻي، سکر، ڪوٽڙي ۽ ٻين شهرن ۾ بندر روڊ قائم آهن، سنڌ جي انهن بندرن تان پڻ سنڌ جو سنڌو دريا کان ٿيندي سمنڊ ذريعي ڏيساور واپار ٿيندو هيو.

سرڪاري انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ تيل جي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 56.36 سيڪڙي کان مٿي ۽ ملڪي گئس جي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 70.77 آهي. ڪوئلي جي ملڪي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. سنڌ ۾ رزرو ڪوئلو 88.7 سيڪڙو، رزرو گئس جو ذخيرو 58 سيڪڙو ۽ رزرو تيل جو ذخيرو 40 سيڪڙو آهي. اهڙي طرح ملڪ جي روينيو جي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 70 سيڪڙو آهي. سنڌ کي نه فقط معدني وسيلن پر سنڌ کي پنهنجي بندرگاهن جي اُپت کان به محروم ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت جي مهيا ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ ۾ بجليءَ جي پيداورا 6 هزار 500 ميگاواٽ آهي، جيڪا سنڌ جي ضرورتن کان وڌيڪ آهي. حيسڪو کي پنهنجن مڙني صارفين لاءِ 1300 ميگاوٽ بجلي جي ضرورت آهي. جڏهن ته ڪي اي ايس سي کي ڪراچيءَ جي صارفين کي مهيا ڪرڻ لاءِ 2 هزار ميگاوٽ بجلي جي ضرورت پوي ٿي. سنڌ جي عوام کي توانائي مهيا ڪندڙ ادارن جي مجموعي ضرورت 3300 ميگاوٽ آهي. سنڌ پنهنجي ضرورت پوري ڪرڻ بعد 3200 ميگاواٽ بجلي وڌيڪ پئدا ڪري ٿي جيڪا ٻين صوبن کي ڏني وڃي ٿي ۽ سنڌ اونڌهه ۾ ٻڌل رهي ٿي.

سنڌ هن وقت جيڪا وفاقي آمدنيءَ جو تقريبا ستر سيڪڙو ڏئي ٿي، ۽ کيس موٽ ۾ ست سيڪڙو به نه ٿو ملي، سنڌ جنهن جي آمدني ايتري آهي جيڪڏهن اها سنڌ تي خرچ ڪئي وڃي ته سنڌ جو هر شهر دبئي جهڙو جُڙي وڃي ۽ هر سنڌي مالدار ٿي وڃي، پر بدقستي اها آهي جو ان سنڌ جو ماڻهو ٻه ويلا مانيءَ کائڻ لاءِ محتاج آهي، بخار جي ٽڪيءَ لاءِ محتاج آهي، چار ديواريءَ واري گهر ۾ رهڻ لاءِ محتاج آهي، سُٺي تعليم لاءِ محتاج آهي، پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ محتاج آهي، مطلب ته زندگيءَ جي بنيادي سهولتن لاءِ محتاج آهي، بدقسمتي اها آهي ته سنڌ ۾ گذريل ڪيترن ئي ورهين کان روزانو جي بنياد تي آپگهاتن  جو سلسلو جاري آهي. سنڌ جي سمورين اخبارن جا صفا ۽ چينلز جون رپورٽون سنڌ جي بک، غربت ۽ بدحاليءَ سان ڀريا پيا آهن. اها ڳالهه به اطمينان جهڙي آهي ته هاڻي وڃي سنڌ جي وڏي وزير انهن خبرن ۽ رپورٽن جو جائزو ورتو آهي ۽ کيس غربت جي خاتمي لاءِ سائنسي نموني رپورٽ مرتب ڪرائڻ جو خيال آيو آهي.

گڏيل قومن پاران 2014-2015 ۾ جاري ڪيل پاڪستان جي غربت متعلق رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ جي شهري علائقن ۾ غربت جي شرح 10.6 سيڪڙو ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ غربت جي شرح 75.5 سيڪڙو آهي، سنڌ آباديءَ جي حوالي سان پاڪستان جو ٻيو نمبر وڏو صوبو آهي ۽ غربت جي حوالي سان پهرين نمبر تي آهي. مٿي ڏنل انگ اکرن موجب پاڪستان جي سموري معيشت جو دارومدار سنڌ جي وسيلن تي آهي. پاڪستان سنڌ کي نه پر سنڌ سموري پاڪستان کي پالي رهي آهي. پنجاب، خيبر پختون خواهه ۽ بلوچستان پاڪستان کي ڪجهه ڏئي نه پر وٺي رهيا آهن. سنڌ ئي اڪيلو صوبو آهي جيڪو پاڪستان کان ڪجهه به نه پيو وٺي پر پنهنجي ٻچن جي رزق مان ٻين صوبن کي پالي رهيو آهي. سنڌ ڪنهن به صوبي جو ڪوبه پيداواري وسيلو استعمال نه ٿي ڪري پر ٻيا صوبا سنڌ جي وسيلن تي پلجي رهيا آهن. ان هوندي به سنڌ ۾ بي انداز غربت جو وڌڻ انتهائي پريشان ڪندڙ آهي.

اسين سمجهو ٿا ته سنڌ ۾ غربت جا سبب ٻيا به ڪئي هوندا جن جو اڀياس ضروري آهي پر جيڪي زميني حقيقتون آهن انهن مطابق سنڌ جي غربت جو سبب سنڌ جي وسيلن تي وفاق جي هڪ هٽي، سنڌ جي وسيلن تي ڌارين جو بار هجڻ ۽ سنڌ جي بي انتها ترقياتي رٿائن جو ناقص منصوبه بنديءَ تحت رٿجڻ ۽ انهن تي عمل ٿيڻ، ۽ سنڌ ۾ بي انتها ڪرپشن انتهائي اهم سبب آهن، سنڌ جو وڏو وزير ڀلي سائنسي بنيادن تي غربت جا معيار مرتب ڪرائي، پر جيڪا غربت اکين سان ڏسڻ ۾ اچي پئي، ۽ جنهن جا سبب به اکين سان ڏسجن پيا پهريان انهن جو تدارڪ ته ڪيو وڃي، ماڻهن کي ترقي ڏيارڻ کان اڳ اهو ضروري آهي ته ماڻهن کي زندهه رکيو وڃي.

اربع 3 آڪٽوبر 2018ع، 22 محرم الحرام 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

قبيلائي جهيڙن جي باهه ۽ سڙندڙ سنڌ

سنڌ ۾ گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان قبيلائي جهيڙن جي ڀڙڪيل باهه اڃان ماٺي نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے