15 ہفتہ , دسمبر 2018

نيوز: حيدرآباد: شهيد بشير خان قريشي ڪيس، صنعان قريشي پاران ڌر بڻائڻ لاءِ داخل درخواست منظور

Hyderabad: Shaheed bashir khan qureshi case, Sannan khan qureshi request accepted*حيدرآباد ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي بينچ شهيد بشير خان قريشي  ۽ شهيد مقصود خان قريشي جي ڪيس جي داخل پٽيشن ۾ صنعان خان قريشي پاران ڌر بڻائڻ لاءِ داخل درخواست منظور  ڪئي وئي آهي.

عدالت، سنڌ جي گهرو کاتي سميت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 16 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته شهيد بشير خان قريشي کي شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ وڏي سازش تحت شهيد ڪيو ويو.

سندس چوڻ هو تھ  شهادت جي جاچ لاءِ شهيد بشير خان قريشي جي ڀاءُ مقصود خان قريشي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي .

 موقف اختيار ڪيو ويو ته شهيد مقصود خان قريشي کي به شهيد ڪيو ويو، ان ڪري هاڻ کيس  ان پٽيشن ۾ ڌر بڻايو وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي  حيدرآباد بينچ جسقم جي چيئرمين صنعان قريشي جي درخواست منظور ڪندي کيس ڪيس ۾ ڌر بڻائي ڇڏيو آهي……………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:بدين: عوامي آواز جي خبر تي جج جو نوٽيس، سي ايم او کان رپورٽ طلب

ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين جاويد احمد بلوچ  عوامي آواز  جي خبر تي شهر ۾ گندگيءَ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے